شجر خط

شجر خط: شجر خط، خطاطيءَ جي فن جو هڪ قسم آهي. هن خط ۾ لفظن جي ٻاهرين سطح تي ميناڪاري، گلڪاري، شاخون ۽ گل نظر ايندا آهن، جنهن سان اکرن ۾ وڌيڪ خوبصورتي ايندي آهي. سنڌ جو مشهور خطاط مقطوع الدين محمد عالم شجر خط جي حوالي سان تمام گهڻو مشهور هو. هن ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن حاڪمن لاءِ جيڪي قرآن شريف ۽ دعائن جي مجموعن جا ڪتاب قلمبند ڪيا، تن ۾ خط شجر جو نمونو عام ملي ٿو. ان کانسواءِ خط شجر ۾ حيدرآباد سنڌ جي ٽنڊي آغا جو مرزا قربان علي بيگ ڪربلائي ۽ مرزا امام علي بيگ ڪربلائي به وڏي مهارت رکندا هئا. موجوده دور ۾ هي خط بلڪل ڪتب نه ٿو اچي.


لفظ شجر خطھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو